Job 42:8 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن ڪري اوهين ست ڍڳا ۽ ست گهٽا وٺي منهنجي ٻانهي ايوب وٽ وڃو، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهيو؛ ۽ منهنجو ٻانهو ايوب اوهان جي حق ۾ دعا گهرندو؛ ۽ انهيءَ جي خاطر آءٌ اُها قبول ڪندس، ۽ اوهان جي بي عقليءَ موافق اوهان سان هلت نہ ڪندس؛ ڇالاءِ جو اوهان منهنجي نسبت اُها ڳالهہ نہ ڪئي آهي جا درست آهي، جيئن ڪ منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري هاڻي اوهين ست ڍڳا ۽ ست گھٽا وٺي منهنجي ٻانهي ايوب وٽ اچو ۽ پنهنجي لاءِ ساڙڻ واري قرباني پيش ڪريو. منهنجو ٻانهو ايوب اوهان جي حق ۾ دعا گھرندو تہ آءٌ انهيءَ جي دعا قبول ڪندس ۽ اوهان جي بيعقليءَ مطابق اوهان سان هلت نہ ڪندس، جيتوڻيڪ اوهان مون بابت حق جي ڳالهہ نہ ڪئي جيئن منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي.“