Joel 1:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڊاک ڪومائجي ويئي آهي، ۽ انجير جو وڻ سُڪي رهيو آهي؛ ڏاڙهونءَ جو وڻ، ۽ کجيءَ جو وڻ، ۽ صوف جو وڻ، بلڪ ميدان جا سڀ وڻ ڪومائجي ويا آهن: ۽ بني آدم وٽان خوشي گم ٿي ويئي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انگورن جون وليون ۽ انجير جا وڻ سڪي رهيا آهن. انهيءَ کان علاوہ ڏاڙهون، کجيءَ ۽ صوف جا وڻ، بلڪ باغ جو هر وڻ ڪومائجي ويو آهي. سو ان آفت جي ڪري بني آدم وٽان خوشي گم ٿي ويئي آهي.