John 1:39 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هن چيو تہ هلي ڏسو. پوءِ هو آيا ۽ جتي هو رهندو هو، اُهو هنڌ اچي ڏٺائون؛ ۽ اُهو ڏينهن وٽس ٽڪيا: اُهو اٽڪل ڏهين بجي جو وقت هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ جواب ڏنو تہ ”ھلي ڏسو.“ پوءِ اھي ساڻس گڏ ھليا ۽ اھا جاءِ ڏٺائون جتي ھو رھندو ھو ۽ اھو ڏينھن ھن سان گڏ گذاريائون. اھو اٽڪل ٽپھريءَ جو وقت ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع جواب ڏنو تہ ”هلي ڏسو.“ اهو اٽڪل چئين بجي جو وقت هو جڏهن اهي ساڻس گڏ هليا ۽ اها جاءِ ڏٺائون جتي هو ترسيل هو. پوءِ هنن اهو ڏينهن ساڻس گڏ گذاريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ جواب ڏنو تہ ”هلي ڏسو.“ اهو اٽڪل چئين بجي جو وقت هو جڏهن اهي ساڻس گڏ هليا ۽ اها جاءِ ڏٺائون جتي هو ترسيل هو. پوءِ هنن اهو ڏينهن ساڻس گڏ گذاريو.