John 10:25 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
يسوع کين جواب ڏنو تہ مون اوهان کي ٻڌايو آهي، پر اوهين ايمان نٿا آڻيو. جيڪي ڪم آئون پنهنجي پيءُ جي نالي ڪريان ٿو، سي ئي منهنجي لاءِ شاهدي ٿا ڀرين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”مون تہ اوھان کي ٻڌايو آھي، پر اوھان ايمان نہ ٿا آڻيو. جيڪي ڪم آءٌ پنھنجي پيءُ جي اختياريءَ سان ڪريان ٿو سي ئي منھنجي شاھدي ٿا ڏين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع کين وراڻيو تہ ”مون تہ اوهان کي ٻڌايو آهي، پر اوهين يقين نہ ٿا ڪريو. جڏهن تہ جيڪي ڪم آءٌ پنهنجي پتا جي اختياريءَ سان ڪريان ٿو سي بہ منهنجي شاهدي ٿا ڏين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”مون تہ اوهان کي ٻڌايو آهي، پر اوهين يقين نہ ٿا ڪريو. جڏهن تہ جيڪي ڪم آءٌ پنهنجي پيءُ جي اختياريءَ سان ڪريان ٿو سي بہ منهنجي شاهدي ٿا ڏين.