John 10:38 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جي آئون اُهي ڪريان ٿو تہ جيتوڻيڪ اوهين مون تي ايمان نٿا آڻيو، تہ منهنجي ڪمن تي ايمان آڻيو: تہ اوهان کي خبر پوي ۽ سمجهو تہ پيءُ مون ۾ آهي ۽ آئون پيءُ ۾.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جيڪڏھن پيءُ جا ڪم ڪريان ٿو، تہ اوھين ڀل مون تي ايمان نہ آڻيو پر منھنجي انھن ڪمن تي تہ ايمان آڻيو، تہ جيئن اوھان کي خبر پوي ۽ سمجھو تہ پيءُ مون ۾ آھي ۽ آءٌ پيءُ ۾ آھيان.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيتوڻيڪ اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، تڏهن بہ منهنجي انهن ڪمن تي تہ يقين ڪريو جيڪي آءٌ پتا جي طرفان ڪريان ٿو، تہ جيئن اوهين اها حقيقت ڄاڻي وٺو تہ پتا مون ۾ آهي ۽ آءٌ پتا ۾ آهيان.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيتوڻيڪ اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، تڏهن بہ منهنجي انهن ڪمن تي تہ يقين ڪريو جيڪي آءٌ پيءُ جي طرفان ڪريان ٿو، تہ جيئن اوهين اها حقيقت ڄاڻي وٺو تہ پيءُ مون ۾ آهي ۽ آءٌ پيءُ ۾ آهيان.“