John 10:41 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ گهڻا وٽس آيا، ۽ اهي چوڻ لڳا تہ يوحنا تہ ڪوبہ معجزو ڪونہ ڏيکاريو، باقي جيڪي ڳالهيون يوحنا هن جي نالي چيون ٿي سي سڀ اچي لڳيون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڪيترائي ماڻھو وٽس ايندا ھئا. ھو چوندا ھئا تہ ”يحيٰ تہ ڪوبہ معجزو نہ ڏيکاريو، پر جيڪي ڳالھيون ھن ماڻھوءَ بابت چيائين سي سڀ پوريون ٿيون.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڪيترائي ماڻهو وٽس ايندا هئا. هو چوندا هئا تہ ”يوحنا ڪوبہ چمتڪار تہ نہ ڏيکاريو، پر هن ماڻهوءَ بابت جيڪي ڳالهيون هن چيون هيون سي سڀ سچيون نڪتيون.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڪيترائي ماڻهو وٽس ايندا هئا. هو چوندا هئا تہ ” يحيٰ ڪوبہ معجزو تہ نہ ڏيکاريو، پر هن ماڻهوءَ بابت جيڪي ڳالهيون هن چيون هيون سي سڀ سچيون نڪتيون.“