John 11:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي لعزر نالي هڪڙو شخص، مريم ۽ سنديس ڀيڻ مارٿا جي ڳوٺ بيت عنياہ جو ويٺل، بيمار ٿي پيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
لعزر نالي ھڪ ماڻھو جيڪو بيتعنياہ ۾ رھندو ھو سو بيمار ٿي پيو. بيتعنياہ اھو ڳوٺ آھي جنھن ۾ مريم ۽ سندس ڀيڻ مارٿا رھنديون ھيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يهوديہ صوبي جي ڳوٺ بيتعنياہ ۾ لعزر نالي هڪ ماڻهو بيمار ٿي پيو. انهيءَ ڳوٺ ۾ مريم ۽ مارٿا نالي سندس ٻہ ڀينرون بہ رهنديون هيون. هيءَ مريم اها هئي جنهن پرڀو يسوع جي پيرن کي عطر مکي پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيا هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يهوديہ صوبي جي ڳوٺ بيتعنياہ ۾ لعزر نالي هڪ ماڻهو بيمار ٿي پيو. انهيءَ ڳوٺ ۾ مريم ۽ مارٿا نالي سندس ٻہ ڀينرون بہ رهنديون هيون. هيءَ مريم اها هئي جنهن خداوند عيسيٰ جي پيرن کي عطر مکي پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيا هئا.