John 11:51 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هاڻي اهو جو هن چيو سو پاڻو نہ چيائين: پر هو جو انهي ورهيہ جو سردار ڪاهن هو، تنهنڪري نبوت جي طور چيائين تہ يسوع کي هن قوم لاءِ مرڻ گهرجي؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
حقيقت ۾ ھن جيڪي لفظ چيا سي پنھنجي طرفان نہ چيائين، پر جيئن تہ ھو انھيءَ سال جو وڏو سردار ڪاھن ھو، تنھنڪري ھن اھي لفظ اڳڪٿي ڪري چيا تہ عيسيٰ يھودي قوم لاءِ مرندو،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
حقيقت ۾ هن اها ڳالهہ پنهنجي طرفان نہ چئي، پر جيئن تہ هو انهيءَ سال جو وڏو سردار ڪاهن هو، تنهنڪري ايشور ئي هن جي واتان اهو چوايو تہ يسوع يهودي قوم لاءِ مرندو
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
حقيقت ۾ هن اها ڳالهہ پنهنجي طرفان نہ چئي، پر جيئن تہ هو انهيءَ سال جو وڏو سردار ڪاهن هو، تنهنڪري خدا ئي هن جي واتان اهو چوايو تہ عيسيٰ يهودي قوم لاءِ مرندو