John 12:17 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن جنهن مهل هن لعزر کي قبر مان سڏيو ۽ مُئلن مان جيئاريو هو، تنهن مهل جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن پئي شاهدي ڀري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جنھن مھل عيسيٰ لعزر کي قبر مان سڏي مئلن مان جياريو ھو، تنھن مھل جيڪي ماڻھو ساڻس گڏ ھئا، سي ان وقت اھا شاھدي ڏيئي رھيا ھئا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
لعزر کي قبر مان سڏي مئلن مان جيوت ڪرڻ مهل جيڪي ماڻهو يسوع سان گڏ هئا، سي انهيءَ چمتڪار جي شاهدي ڏيندا ٿي آيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
لعزر کي قبر مان سڏي مئلن مان جيئرو ڪرڻ مهل جيڪي ماڻهو عيسيٰ سان گڏ هئا، سي انهيءَ معجزي جي شاهدي ڏيندا ٿي آيا.