John 12:38 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهي لاءِ تہ يسعياہ نبيءَ جيڪو ڪلام ڪيو هو، سو پورو ٿئي تہ ”اي خداوند، اهو ڪير آهي جنهن اسان جي چوڻ تي اعتبار ڪيو آهي، ۽ اهو ڪير آهي جنهن تي خداوند جو هٿ ظاهر ٿيو آهي؟“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھو انھيءَ لاءِ تہ جيڪو يسعياہ نبيءَ چيو ھو سو پورو ٿئي تہ ”اي خداوند! ڪنھن اسان جي پيغام تي ايمان آندو؟ ۽ ڪنھن تي تو خداوند جي قدرت ظاھر ٿي؟“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪو سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي لکت ۾ آهي سو پورو ٿئي تہ ”اي پرميشور! اسان جي سنديش تي ڪنهن وشواس ڪيو؟ ۽ ڪنهن تنهنجي ٻانهن جو زور سڃاتو؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪو يسعياہ نبيءَ جي لکت ۾ آهي سو پورو ٿئي تہ ”اي خداوند! اسان جي پيغام تي ڪنهن ايمان آندو؟ ۽ ڪنهن تنهنجي ٻانهن جو زور سڃاتو؟“