John 12:40 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
”هن سندين اکيون انڌيون، ۽ سندين دل سخت ڪري ڇڏي آهي؛ تہ متان هو پنهنجين اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجيءَ دل سان سمجهن، ۽ ڦري پون، ۽ آئون ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪريانِ.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
”مون خدا انھن جون اکيون پوري ڇڏيون آھن ۽ سندن عقل تي تالو ھڻي ڇڏيو آھي، تہ متان اھي پنھنجين اکين سان ڏسن ۽ پنھنجن عقلن سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبھہ⁠تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”مون ايشور انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، ۽ سندن عقل تي تالو هڻي ڇڏيو اٿم، تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن ۽ پنهنجي دماغ سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”مون خدا انهن جون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن، ۽ سندن عقل تي تالو هڻي ڇڏيو اٿم، تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن ۽ پنهنجي دماغ سان سمجھن، ۽ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿين تہ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.“