John 12:42 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن هوندي بہ سردارن مان پڻ ڪيترن مٿس ايمان آندو، پر فريسين جي ڪري اقرار نٿي ڪيائون، تہ متان اسان کي عبادتخانن مان ڪڍي ڇڏين:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن ھوندي بہ ڪيترن ئي اڳواڻن عيسيٰ تي ايمان آندو، پر فريسين جي ڪري اھي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين عبادتگاھن مان ٻاھر ڪڍي نہ ڇڏين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي يهودي اڳواڻن يسوع تي وشواس آندو، پر فريسين جي ڪري اهي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي نہ ڏيئي ڇڏين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي يهودي اڳواڻن عيسيٰ تي ايمان آندو، پر فريسين جي ڪري اهي کُليءَ طرح اقرار نہ پيا ڪن، تہ متان کين عبادتخاني مان نيڪالي نہ ڏيئي ڇڏين.