John 12:48 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪو مون کي نٿو مڃي، ۽ منهنجون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، تنهن جي عدالت ڪرڻ وارو هڪڙو آهي: ڪلام جو مون ڪيو آهي، سو ئي پوئين ڏينهن سندس عدالت ڪندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ منھنجون ڳالھيون قبول نہ ٿو ڪري، تنھن جي فيصلي ڪرڻ وارو ھڪڙو آھي، يعني اھي منھنجون ڪيل ڳالھيون ئي آھن، جيڪي آخرت جي ڏينھن ھن کي ڏوھاري ٺھرائينديون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪو مون کي ۽ منهنجي ڳالهين کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي پاپي قرار ڏيڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني منهنجو سنديش، جيڪو انتم ڏينهن هن کي پاپي قرار ڏيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪو مون کي ۽ منهنجي ڳالهين کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي گنهگار قرار ڏيڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني منهنجو پيغام، جيڪو آخرت جي ڏينهن هن کي گنهگار قرار ڏيندو.