John 12:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ يهودين جي عام خلق کي خبر پيئي تہ هو اُتي آهي، سو اُهي نہ رڳو يسوع جي ڪري آيا، پر انهي لاءِ تہ لعزر، جنهن کي مُئلن مان جيئاريو هئائين، تنهن کي بہ هلي ڏسن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
يھودين جي وڏي ميڙ جڏھن ٻڌو تہ عيسيٰ بيت⁠عنياہ ۾ آھي، تڏھن اھي اوڏانھن ويا. اھي نہ رڳو عيسيٰ کي ڏسڻ لاءِ ويا پر لعزر کي بہ ڏسڻ ويا، جنھن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ماڻهن جي وڏي ميڙ جڏهن ٻڌو تہ يسوع بيت‌عنياہ ۾ آهي، تڏهن اهي اوڏانهن ويا. اهي نہ رڳو يسوع کي، بلڪ لعزر کي بہ ڏسڻ ويا، جنهن کي يسوع مئلن مان جيوت ڪيو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ماڻهن جي وڏي ميڙ جڏهن ٻڌو تہ عيسيٰ بيت‌عنياہ ۾ آهي، تڏهن اهي اوڏانهن ويا. اهي نہ رڳو عيسيٰ کي، بلڪ لعزر کي بہ ڏسڻ ويا، جنهن کي عيسيٰ مئلن مان جيئرو ڪيو هو.