John 13:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي فسح جي عيد کان اڳي جڏهن يسوع ڏٺو تہ منهنجي اُها گهڙي آئي آهي تہ دنيا مان لڏي پيءُ وٽ وڃان، تڏهن دنيا ۾ جيڪي پنهنجا هئس، تن تي جهڙو پيار هوس، تهڙو ئي توڙ تائين رکندو آيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھاڻ جڏھن تہ عيسيٰ کي اھا خبر ھئي تہ ’منھنجي اھا گھڙي اچي ويئي آھي جو آءٌ ھيءَ دنيا ڇڏي پيءُ ڏانھن وڃان،‘ تنھن ھوندي بہ جيڪي ھن دنيا ۾ پنھنجا ھيس تن کي آخري گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو. عيد فصح کان ھڪ ڏينھن اڳ ۾
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هاڻ جيئن تہ يسوع کي اها سڌ پئجي ويئي تہ ”منهنجي اها گھڙي اچي ويئي آهي جو آءٌ هي سنسار ڇڏي پتا ڏانهن وڃان،“ تنهن هوندي بہ جيڪي هن سنسار ۾ پنهنجا هئس تن کي هو انتم گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو. فصح جي تهوار کان هڪ ڏينهن اڳ ۾
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻ جيئن تہ عيسيٰ کي اها خبر پئجي ويئي تہ ”منهنجي اها گھڙي اچي ويئي آهي جو آءٌ هيءَ دنيا ڇڏي پيءُ ڏانهن وڃان،“ تنهن هوندي بہ جيڪي هن دنيا ۾ پنهنجا هئس تن کي هو آخري گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو. عيد فصح کان هڪ ڏينهن اڳ ۾