John 13:32 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جي خدا هن ۾ جلال حاصل ڪيو تہ خدا پاڻ ۾ هن کي جلال ڏيندو، بلڪ اِجهو ٿو ڏئيس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن خدا جو جلوو ابنآدم جي معرفت ظاھر ٿيندو تہ خدا بہ ھن کي پاڻ جلوو ڏيندو، بلڪ اِجھو، ھاڻي ٿو ڏئيس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن تہ ايشور جي جوت منشپتر مان ظاهر ٿيندي تہ ايشور بہ هن کي پنهنجي جوت ۾ شريڪ ڪندو، بلڪ ڏسو، هاڻي ئي ٿو ڪريس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ خدا جو جلوو ابنِ آدم مان ظاهر ٿيندو تہ خدا بہ هن کي پنهنجي جلوي ۾ شريڪ ڪندو، بلڪ ڏسو، هاڻي ئي ٿو ڪريس.