John 13:38 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
يسوع جواب ڏنس تہ تون منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندين؟ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ ڪڪڙ ٻانگ ئي ڪين ڏيندو، تنهن کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ وراڻيس تہ ”ڇا تون سچ⁠پچ منھنجي لاءِ پنھنجي جان ڏيندين؟ آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون منھنجو ٽي دفعا انڪار ڪندين.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع وراڻيس تہ ”ڇا تون سچ پچ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندين؟ آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ وراڻيس تہ ”ڇا تون سچ پچ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندين؟ آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“