John 14:17 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
يعني سچ جو روح: جنهن کي دنيا حاصل ڪري نٿي سگهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ نہ هن کي ڏسي ٿي، نہ سڃاڻي ٿي: اوهين هن کي سڃاڻو ٿا، ڇالاءِ جو هو اوهان سان رهي ٿو، ۽ اوهان ۾ هوندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
يعني سچ جو پاڪ روح. دنيا ھن کي حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ⁠تہ دنيا کيس نہ ڏسي ٿي ۽ نہ وري سڃاڻي ٿي. پر اوھين کيس سڃاڻو ٿا، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو اوھان سان رھي ٿو ۽ اوھان ۾ ھوندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو مددگار سچ جي آتما آهي جنهن کي سنسار حاصل ڪري نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهو نہ کيس ڏسي ٿو، نہ وري ڄاڻي ٿو. پر اوهين کيس ڄاڻو ٿا، ڇاڪاڻ تہ هو اوهان سان گڏ رهي ٿو ۽ اوهان ۾ رهندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو مددگار سچ جو روح آهي جنهن کي دنيا حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ کيس ڏسي ٿي، نہ وري ڄاڻي ٿي. پر اوهين کيس ڄاڻو ٿا، ڇاڪاڻ تہ هو اوهان سان گڏ رهي ٿو ۽ اوهان ۾ رهندو.