John 14:27 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
آئون اوهان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان؛ پنهنجو اطمينان اوهان کي ٿو ڏيان، ائين نٿو ڏيانوَ، جيئن دنيا ٿي ڏئي. اوهين پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ اوھان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان، بلڪ اوھان کي پنھنجو اطمينان ڏيان ٿو. اھڙو نہ ٿو ڏيان جھڙو دنيا ڏئي ٿي. اوھين پنھنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو ۽ نڪي ڊڄو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ اوهان کي شانتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي سنسار ڏئي ٿو، بلڪ پنهنجي شانتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ اوهان کي سلامتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي دنيا ڏئي ٿي، بلڪ پنهنجي سلامتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.