John 14:28 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اوهان ٻُڌو آهي جو چيومانوَ تہ آئون هليو ٿو وڃان، ۽ وري اوهان وٽ ايندس. جيڪڏهن اوهان جو مون تي پيار هجي ها، تہ هوند خوش ٿيو ها، جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان: ڇوتہ پيءُ مون کان وڏو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوھان مون کي ھي چوندي ٻڌو ھو تہ ’آءٌ وڃي رھيو آھيان پر اوھان وٽ موٽي ايندس.‘ جيڪڏھن اوھان جو مون سان پيار ھجي ھا تہ جيڪر خوش ٿيو ھا جو آءٌ پيءُ وٽ وڃي رھيو آھيان، ڇاڪاڻتہ پيءُ مون کان وڏو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهان مون کي هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ وڃي رهيو آهيان پر اوهان وٽ موٽي ايندس.‘ جيڪڏهن اوهان جو مون سان پيار هجي ها تہ جيڪر خوش ٿيو ها جو آءٌ پتا وٽ وڃي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ پتا مون کان وڏو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهان مون کي هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ وڃي رهيو آهيان پر اوهان وٽ موٽي ايندس.‘ جيڪڏهن اوهان جو مون سان پيار هجي ها تہ جيڪر خوش ٿيو ها جو آءٌ پيءُ وٽ وڃي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ پيءُ مون کان وڏو آهي.