John 16:13 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جڏهن اهو، يعني سچ جو روح ايندو، تڏهن هو اوهان جو سونهون ٿي اوهان کي سموري سچ ۾ آڻيندو: ڇالاءِ جو هو پاڻو نہ چوندو، پر جيڪي ڳالهيون ٻُڌندو سي ئي چوندو: ۽ جيڪي ڳالهيون ٿيڻ واريون آهن، سي اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن سچ جو پاڪ روح ايندو، تڏھن ھو اوھان کي سموري سچ ڏانھن وٺي ويندو. ھو پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ڳالھائيندو، پر جيڪي ڳالھيون ٻڌندو سي ئي چوندو ۽ جيڪي ٿيڻو آھي سو اوھان کي کولي ٻڌائيندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن هوندي بہ جڏهن سچ جي آتما ايندي، تڏهن اها پوري سچائيءَ ڏانهن اوهان جي رهنمائي ڪندي. اها پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ چوندي، پر ايشور کان جيڪو ٻڌندي سو ئي چوندي ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪي ڳالهيون اوهان کي پيش اينديون سي اوهان کي کولي ٻڌائيندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن هوندي بہ جڏهن سچ جو روح ايندو، تڏهن اهو پوري سچائيءَ ڏانهن اوهان جي رهنمائي ڪندو. اهو پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ چوندو، پر خدا کان جيڪو ٻڌندو سو ئي چوندو ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪي ڳالهيون اوهان کي پيش اينديون سي اوهان کي کولي ٻڌائيندو.