John 16:19 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
يسوع سهي ڪيو تہ هنن جي مرضي آهي تہ مون کان پڇن، تنهنڪري چيائين، تہ اوهين هن بابت ٿا پاڻ ۾ پڇو، جو مون چيو تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا، ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڏسندا؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ ڄاتو پئي تہ سندس شاگرد کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا، سو کين چيائين تہ ”ڇا اوھين ھڪٻئي کان اھو پڇي رھيا آھيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڪين ڏسندا ۽ وري ٿوريءَ دير کان پوءِ اوھين مون کي ڏسندا؟‘
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع ڄاڻي ورتو تہ سندس چيلا کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا. سو کين چيائين تہ ”ڇا اوهين هڪٻئي کان اهو پڇي رهيا آهيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ ڄاڻي ورتو تہ سندس شاگرد کانئس ڪجھہ پڇڻ گھرن ٿا. سو کين چيائين تہ ”ڇا اوهين هڪٻئي کان اهو پڇي رهيا آهيو جيڪو مون چيو تہ ’ٿوريءَ دير کان پوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا. پوءِ ٿوريءَ دير بعد اوهين مون کي وري ڏسندا‘؟