John 16:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هو اوهان کي عبادتگاهن مان لوڌي ڪڍندا، بلڪ اُها گهڙي اچي ٿي، تہ جيڪو ڪو اوهان کي ماري وجهندو، سو ڀائيندو تہ آئون خدا جي خدمت ٿو ڪريان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ماڻھو اوھان کي عبادت⁠خانن مان ڪڍي ڇڏيندا ۽ اھو بہ وقت ايندو جڏھن ڪو اوھان کي ماري وجھندو ۽ ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڏسو، ماڻهو اوهان کي ڀڳتيءَ وارين جاين مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا، بلڪ اهو وقت بہ ايندو جڏهن ڪو اوهان کي قتل ڪندي ائين سمجھندو تہ ’آءٌ ايشور جي سيوا ٿو ڪريان.‘
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، ماڻهو اوهان کي عبادت‌خانن مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا، بلڪ اهو وقت بہ ايندو جڏهن ڪو اوهان کي قتل ڪندي ائين سمجھندو تہ ’آءٌ خدا جي خدمت ٿو ڪريان.‘