John 16:27 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ تہ پيءُ پاڻ اوهان کي پيار ٿو ڪري، ڇالاءِ جو اوهان مون کي پيار ڪيو آهي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آئون پيءُ وٽان آيس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو پيءُ پاڻ اوھان سان انھيءَ لاءِ پيار ڪري ٿو جو اوھان مون سان پيار ڪيو آھي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آءٌ پيءُ وٽان آيو آھيان.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڇاڪاڻ تہ پتا تہ پاڻ اوهان سان پيار ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مون سان پيار ڪيو آهي ۽ وشواس آندو اٿوَ تہ آءٌ پتا وٽان آيو آهيان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇاڪاڻ تہ پيءُ تہ پاڻ اوهان سان پيار ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مون سان پيار ڪيو آهي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آءٌ پيءُ وٽان آيو آهيان.