John 16:4 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر اهي ڳالهيون اوهان سان ڪيون اٿم تہ جڏهن انهن جي گهڙي اچي، تہ اوهان کي اُهي ياد پون تہ مون اوهان کي ٻُڌائي ڇڏيو هو. اهي ڳالهيون مون اوهان سان شروع ۾ نہ ڪيون، ڇالاءِ جو آئون اوهان سان هوس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر مون اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ لاءِ ٻڌايون آھن تہ جڏھن اھا گھڙي اچي تہ اوھين ياد ڪريو تہ مون انھن بابت اڳي ئي اوھان کي ٻڌائي ڇڏيو ھو.“ ”مون شروعات ۾ اھي ڳالھيون اوھان کي انھيءَ ڪري نہ ٻڌايون جو آءٌ اوھان سان گڏ ھوس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مون اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جڏهن انهن ڳالهين جي ٿيڻ جو وقت اچي تہ اوهان کي ياد اچي تہ مون انهن بابت اڳي ئي اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو هو.“ ”مون شروع ۾ اهي ڳالهيون اوهان کي انهيءَ ڪري نہ ٻڌايون جو آءٌ پاڻ اوهان سان گڏ هئس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)