John 17:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اهي ڳالهيون يسوع ڪيون، ۽ پنهنجيون اکيون آسمان ڏانهن کڻي چيائين، تہ اي بابا، اُها گهڙي آئي آهي؛ پنهنجي فرزند جو جلال ظاهر ڪر، تہ فرزند تنهنجو جلال ظاهر ڪري:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھن ڳالھين ڪرڻ کانپوءِ عيسيٰ آسمان ڏانھن نھاري چيو تہ ”اي بابا! اھا گھڙي آئي آھي. ھاڻي تون پنھنجي فرزند جو جلوو ظاھر ڪر تہ فرزند تنھنجو جلوو ظاھر ڪري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهن ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ يسوع آڪاش ڏانهن نهاري پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ”اي پتا! اها گھڙي اچي پهتي آهي. هاڻي تون پنهنجي پٽ جي جوت ظاهر ڪر تہ جيئن پٽ جي معرفت تنهنجي جوت ظاهر ٿئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ عيسيٰ آسمان ڏانهن نهاري دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي بابا! اها گھڙي اچي پهتي آهي. هاڻي تون پنهنجي فرزند جو جلوو ظاهر ڪر تہ جيئن فرزند جي معرفت تنهنجو جلوو ظاهر ٿئي.