John 17:11 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هن کانپوءِ آئون دنيا ۾ نہ آهيان، پر اهي دنيا ۾ آهن، ۽ آئون تو وٽ ٿو اچان. اي پاڪ بابا، پنهنجو نالو جو تو مون کي ڏنو آهي، تنهن ۾ اُنهن کي رکي وٺ، تہ اُهي هڪ ٿين، جيئن اسين پاڻ هڪ آهيون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھاڻي آءٌ تو ڏانھن اچي رھيو آھيان ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نہ رھندس، پر اھي اڃا دنيا ۾ رھندا. اي پاڪ بابا! انھن کي پنھنجي انھيءَ نالي جي قدرت سان سلامت رک جيڪو تو مون کي ڏنو آھي، انھيءَ لاءِ تہ اھي گڏجي ھڪ ٿي وڃن، جيئن تون ۽ آءٌ ھڪ آھيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هاڻي آءٌ تو ڏانهن اچي رهيو آهيان ۽ سنسار ۾ وڌيڪ نہ رهندس، پر اهي اڃا سنسار ۾ رهندا. اي پوِتر پتا! تون پنهنجي پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ انهن کي قائم رک، انهيءَ لاءِ تہ اهي گڏجي هڪ ٿي رهن، جيئن تون ۽ آءٌ هڪ آهيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻي آءٌ تو ڏانهن اچي رهيو آهيان ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نہ رهندس، پر اهي اڃا دنيا ۾ رهندا. اي پاڪ بابا! تون پنهنجي پاڪ ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ انهن کي قائم رک، انهيءَ لاءِ تہ اهي گڏجي هڪ ٿي رهن، جيئن تون ۽ آءٌ هڪ آهيون.