John 17:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
آئون اهو ڪونہ ٿو گهُران، تہ تون کين دنيا مان ڪڍي وٺ، پر انهي بڇڙي کان رکي وٺينِ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
منھنجي دعا اھا نہ آھي تہ تون کين دنيا مان کڻي وٺ، پر اھا دعا آھي تہ کين انھيءَ بڇڙي کان بچاءِ.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
منهنجي پرارٿنا اها نہ آهي تہ تون کين سنسار مان کڻي وٺ، پر اها پرارٿنا آهي تہ کين شيطان کان بچاءِ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
منهنجي دعا اها نہ آهي تہ تون کين دنيا مان کڻي وٺ، پر اها دعا آهي تہ کين شيطان کان بچاءِ.