John 18:28 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ قائفا وٽان يسوع کي محلات ۾ وٺي ويا: ۽ اڃا وڏو صبح هو ۽ هو پاڻ محلات ۾ نہ گهڙيا، انهي لاءِ تہ متان ڇپي نہ پون، پر فسح کائڻ جهڙا ٿين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ٻئي ڏينھن صبح جو عيسيٰ کي قائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يھودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انھيءَ لاءِ تہ اھي پنھنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جھڙا رھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ٻئي ڏينهن صبح جو يسوع کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي نيم جي رسم موجب اپوِتر نہ ٿين ۽ فصح جي تهوار واري رسوئي کائڻ جهڙا رهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ٻئي ڏينهن صبح جو عيسيٰ کي ڪائفا جي گھر کان رومي گورنر پلاطس جي محلات ۾ آندو ويو. يهودي اڳواڻ محلات جي اندر نہ ويا، انهيءَ لاءِ تہ اهي پنهنجي شريعت جي رسم موجب پليت نہ ٿين ۽ عيد فصح جي ماني کائڻ جهڙا رهن.