John 18:36 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
يسوع جواب ڏنو، تہ منهنجي بادشاهت هن دنيا جي نہ آهي: جيڪڏهن منهنجي بادشاهت هن دنيا جي هجي ها تہ هوند منهنجا نوڪر وڙهن ها، انهي لاءِ تہ آئون يهودين جي حوالي نہ ڪيو وڃان: پر هاڻي منهنجي بادشاهت هتي جي نہ آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ وراڻيو تہ ”منھنجي بادشاھت ھن دنيا جي نہ آھي. جيڪڏھن اھا ھن دنيا جي ھجي ھا تہ جيڪر منھنجا نوڪر وڙھن ھا، انھيءَ لاءِ تہ آءٌ يھودين جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر منھنجي بادشاھت ھن دنيا جي نہ آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع وراڻيو تہ ”منهنجو راڄ هن سنسار جو نہ آهي. جيڪڏهن اهو هن سنسار جو هجي ها تہ جيڪر منهنجا سيواداري منهنجي لاءِ وڙهن ها، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يهودي اڳواڻن جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر نہ، منهنجو راڄ هن سنسار جو نہ آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ وراڻيو تہ ”منهنجي بادشاهي هن دنيا جي نہ آهي. جيڪڏهن اها هن دنيا جي هجي ها تہ جيڪر منهنجا خدمتگار منهنجي لاءِ وڙهن ها، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ يهودي اڳواڻن جي حوالي نہ ڪيو وڃان. پر نہ، منهنجي بادشاهي هن دنيا جي نہ آهي.“