John 18:37 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن تي پلاطس چيس، تہ تڏهن تون بادشاهہ آهين ڇا؟ يسوع جواب ڏنو، تہ تون خود ٿو چئين تہ آئون بادشاهہ آهيان. انهي لاءِ ئي آئون ڄائو آهيان، ۽ انهي لاءِ دنيا ۾ آيو آهيان، تہ سچ جي شاهدي ڀريان. جيڪو سچ جي پاسي آهي، سو منهنجو آواز ٻُڌي ٿو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي پلاطس چيس تہ ”پوءِ ڇا تون بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو تہ آءٌ بادشاھہ آھيان. آءٌ انھيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ ھن دنيا ۾ آيس تہ رڳو سچ جي شاھدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آھي سو منھنجو آواز ٻڌي ٿو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي پلاطس پڇيس تہ ”پوءِ ڇا تون راجا آهين؟“ يسوع وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ. آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ هن سنسار ۾ آيس تہ سچ جي شاهدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آهي سو منهنجي ٻڌي ٿو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي پلاطس پڇيس تہ ”پوءِ ڇا تون بادشاهہ آهين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ. آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ هن دنيا ۾ آيس تہ سچ جي شاهدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آهي سو منهنجي ٻڌي ٿو.“