John 19:16 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن تي هن کيس صليب تي چاڙهڻ لاءِ سندس ٻانهن کڻي هنن جي حوالي ڪئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تڏھن پلاطس عيسيٰ کي انھن جي حوالي ڪري ڇڏيو. پوءِ سپاھي عيسيٰ کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻڻ لاءِ وٺي ويا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي پلاطس سندن مرضيءَ موجب يسوع کي سوليءَ تي چاڙهڻ لاءِ سپاهين جي حوالي ڪيو. تڏهن سپاهي يسوع کي وٺي يروشلم کان ٻاهر نڪري آيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي پلاطس سندن مرضيءَ موجب عيسيٰ کي صليب تي چاڙهڻ لاءِ سپاهين جي حوالي ڪيو. تڏهن سپاهي عيسيٰ کي وٺي يروشلم کان ٻاهر نڪري آيا.