John 19:31 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اُهو تياريءَ جو ڏينهن هو، تنهنڪري يهودين پلاطس کي عرض ڪيو تہ هنن جون ڄنگهون ڀڃجن، ۽ کين کڻائي وڃجي، تہ لاش سبت جي ڏينهن صليب تي نہ رهن (ڇالاءِ تہ اُهو سبت جو ڏينهن هڪ خاص ڏينهن هو.)
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھو تياريءَ جو ڏينھن ھو ۽ ايندڙ ڏينھن يھودين لاءِ خاص سبت جو ڏينھن ھو. تنھنڪري انھن نہ ٿي چاھيو تہ لاش صليبن تي ٽنگيل رھن. سو انھن پلاطس کي عرض ڪيو تہ ”صليب وارن جون ٽنگون ڀڳيون وڃن ۽ لاشا صليبن تان لاٿا وڃن.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ ايندڙ ڏينهن يهودين لاءِ خاص سبت جو ڏينهن هو. تنهنڪري يهودي اڳواڻن نہ ٿي چاهيو تہ لاش سولين تي ٽنگيل رهن. سو انهن پلاطس کي وينتي ڪئي تہ ”سوليءَ وارن جون ٽنگون ڀڳيون وڃن تہ جيئن جلدي مري وڃن ۽ پوءِ لاش سولين تان لاٿا وڃن.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ ايندڙ ڏينهن يهودين لاءِ خاص سبت جو ڏينهن هو. تنهنڪري يهودي اڳواڻن نہ ٿي چاهيو تہ لاش صليبن تي ٽنگيل رهن. سو انهن پلاطس کي عرض ڪيو تہ ” صليب وارن جون ٽنگون ڀڳيون وڃن تہ جيئن جلدي مري وڃن ۽ پوءِ لاش صليبن تان لاٿا وڃن.“