John 19:38 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهن کانپوءِ ارمتياہ وارو يوسف، جو يسوع جو شاگرد هو، پر يهودين جي ڊپ کان لڪل هو، تنهن يسوع جو لاش کڻي وڃڻ لاءِ پلاطس کي عرض ڪيو، ۽ پلاطس موڪل ڏنيس. تڏهن هو آيو ۽ لاش کڻي ويو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يھودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح عيسيٰ جو شاگرد ھو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”مون کي عيسيٰ جو لاش کڻي وڃڻ جي موڪل ڏيو.“ پلاطس کيس موڪل ڏني. پوءِ ھو اتي آيو ۽ لاش کڻي ھليو ويو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يهودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح يسوع جو چيلو هو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس وينتي ڪيائين تہ ”مون کي يسوع جو لاش کڻي وڃڻ جي آگيا ڏيو.“ پلاطس کيس آگيا ڏني. پوءِ هن وڃي لاش کنيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يهودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح عيسيٰ جو شاگرد هو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”مون کي عيسيٰ جو لاش کڻي وڃڻ جي اجازت ڏيو.“ پلاطس کيس اجازت ڏني. پوءِ هن وڃي لاش کنيو.