John 19:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر سردار ڪاهنن ۽ حوالدارن اڃا ڏٺس ئي ڪين، تہ وٺي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ صليب تي چاڙهينس! صليب تي! پلاطس چين تہ اوهين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙهيوس: جو مون کي تہ منجهس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن سردار ڪاھنن ۽ پھريدارن عيسيٰ کي ڏٺو تہ اھي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”ھن کي صليب تي چاڙھيو، صليب تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوھين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙھيوس. مون کي تہ ھن ۾ ڪوبہ ڏوھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي پهريدارن يسوع کي ڏٺو تہ اهي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن کي سوليءَ تي چاڙهيو، سوليءَ تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوهين پاڻ وٺي وڃي سوليءَ تي چاڙهيوس. مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي پهريدارن عيسيٰ کي ڏٺو تہ اهي واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”هن کي صليب تي چاڙهيو، صليب تي.“ پر پلاطس چين تہ ”اوهين پاڻ وٺي وڃي صليب تي چاڙهيوس. مون کي تہ هن ۾ ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي.“