John 2:9 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اُهو پاڻي جو هاڻي مئي ٿي پيو هو، سو جڏهن مير مجلس چکيو، ۽ خبر ڪانہ هيس تہ ڪٿان آيو آهي، (پر نوڪرن جن پاڻي ڪڍيو هو، تن کي خبر هئي) تڏهن هن گهوٽ کي سڏي چيو تہ
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
منتظم اعليٰ اھو پاڻي چکيو، جيڪو ھاڻي مئي ٿي پيو ھو. کيس خبر ڪانہ ھئي تہ ھيءَ مئي ڪٿان آئي آھي، پر نوڪرن، جن پاڻي ڪڍيو ھو تن کي خبر ھئي. سو ھن گھوٽ کي گھرايو
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مُک سيواداريءَ اهو پاڻي چکيو، جيڪو هاڻي مئي ٿي پيو هو. نوڪرن، جن پاڻي ڪڍيو هو تن کي سڌ هئي تہ هيءَ مئي ڪٿان آئي آهي، پر مُک سيواداريءَ کي سڌ ڪانہ هئي. سو هن گھوٽ کي گھرايو
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
منتظم اعليٰ اهو پاڻي چکيو، جيڪو هاڻي مئي ٿي پيو هو. نوڪرن، جن پاڻي ڪڍيو هو تن کي خبر هئي تہ هيءَ مئي ڪٿان آئي آهي، پر منتظم اعليٰ کي خبر ڪانہ هئي. سو هن گھوٽ کي گھرايو