John 20:17 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
يسوع چيس تہ مون کي هٿ نہ لاءِ، ڇو جو آئون اڃا پيءُ وٽ چڙهي نہ ويو آهيان: پر منهنجن ڀائرن وٽ وڃ، ۽ چئينِ تہ آئون چڙهي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ وٽ، پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا وٽ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي ھٿ نہ لاءِ، ڇاڪاڻتہ آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آھيان. پر تون منھنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنھنجي پيءُ ۽ اوھان جي پيءُ ڏانھن، پنھنجي خدا ۽ اوھان جي خدا ڏانھن.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع کيس چيو تہ ”مون کي چنبڙي نہ پئُہ. آءٌ اڃا پتا وٽ مٿي موٽي نہ ويو آهيان. پر تون منهنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنهنجي پتا ۽ اوهان جي پتا ڏانهن، يعني پنهنجي ايشور ۽ اوهان جي ايشور ڏانهن.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي چنبڙي نہ پئُہ. آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آهيان. پر تون منهنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ ڏانهن، يعني پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا ڏانهن.“