John 20:26 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اٺن ڏينهن کانپوءِ شاگرد وري اندر ويٺا هئا، ۽ توما بہ ساڻن هو ۽ دروازا بند هئا، تہ يسوع اچي وچ ۾ بيٺو، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھفتي کان پوءِ شاگرد وري گھر ۾ گڏ ويٺا ھئا. ھن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو ھو ۽ گھر جا در دروازا بند ھئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”سلام.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هفتي کان پوءِ چيلا وري گھر ۾ گڏ ويٺا هئا ۽ هن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو هو. گھر جا در دروازا بند هئا تہ يسوع اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي شانتي هجي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هفتي کان پوءِ شاگرد وري گھر ۾ گڏ ويٺا هئا ۽ هن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو هو. گھر جا در دروازا بند هئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“