John 21:15 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ جڏهن ناشتو ڪري چڪا، تہ يسوع شمعون پطرس کي چيو تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي هنن کان وڌيڪ پيار ٿو ڪرين؟ هن چيو تہ هائو، اي خداوند، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. هن چيس تہ منهنجن گهيٽن کي چارج.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
نيرن ڪرڻ کان پوءِ عيسيٰ شمعون پطرس کي چيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان ھنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ ھن وراڻيو تہ ”ھائو خداوند! تو کي خبر آھي تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”منھنجي گھيٽن کي وڃي چار.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن هو نيرن ڪري چڪا تڏهن يسوع شمعون پطرس کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان هنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو پرڀو! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”منهنجي گھيٽڙن کي وڃي چار.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن هو نيرن ڪري چڪا تڏهن عيسيٰ شمعون پطرس کان پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان هنن کان وڌيڪ پيار ڪرين ٿو؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو خداوند! اوهين ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”منهنجي گھيٽڙن کي وڃي چار.“