John 21:17 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
وري ٽيون گهُمرو چيائينس تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي چاهين ٿو؟ پطرس کي رنج ٿيو جو هن ٽيون گهُمرو چيس تہ تون مون کي چاهين ٿو؟ هن چيس تہ اي خداوند، توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. يسوع چيس تہ منهنجين رڍن کي چارج.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
وري ٽيون دفعو ھن چيس تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنھن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇالاءِ⁠جو ھن ٽيون دفعو کيس چيو ھو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو.“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! تو کي سڀني ڳالھين جي خبر آھي ۽ تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ آءٌ تو سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منھنجين رڍن کي وڃي چار.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي پرڀو! اوهان کي سڀني ڳالهين جي سڌ آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ يسوع چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! اوهان کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.