John 21:19 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي انهي چوڻ جي مراد اِها هيس، تہ ڏيکاريان تہ هو ڪهڙيءَ طرح دنيا مان لاڏاڻو ڪري خدا جو جلال ظاهر ڪندو. ۽ جڏهن هيءَ ڳالهہ ڪري چڪو، تنهن کانپوءِ چيائينس، تہ منهنجي پٺيان اچ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھن چوڻ مان عيسيٰ جو مطلب اھو ھو تہ پطرس ڪھڙيءَ طرح دنيا مان لاڏاڻو ڪري خدا جو جلوو ظاھر ڪندو. پوءِ عيسيٰ چيس تہ ”منھنجي پٺيان اچ.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هن چوڻ مان يسوع جو مطلب اهو هو تہ پطرس ڪهڙيءَ طرح سنسار مان لاڏاڻو ڪري ايشور جي جوت ظاهر ڪندو. پوءِ يسوع چيس تہ ”منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن چوڻ مان عيسيٰ جو مطلب اهو هو تہ پطرس ڪهڙيءَ طرح دنيا مان لاڏاڻو ڪري خدا جو جلوو ظاهر ڪندو. پوءِ عيسيٰ چيس تہ ”منهنجي پيروي ڪندو رهُہ.“