John 21:20 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پطرس پٺيان ڦري نهاريو ۽ ڏٺائين تہ اُهو شاگرد جنهن تي يسوع جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي؛ جنهن رات جي مانيءَ مهل بہ سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي چيو هوس تہ خداوند توکي ڪير جهلائيندو؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اھو شاگرد جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، سو پٺيان پيو اچي. انھيءَ شاگرد رات جي ماني کائڻ مھل بہ سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو ھوس تہ ”خداوند! اھو ڪير آھي جيڪو تو کي پڪڙائيندو؟“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اهو چيلو جنهن سان يسوع جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي. انهيءَ چيلي رات جي رسوئي کائڻ مهل سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو هئس تہ ”اي پرڀو! اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي پڪڙائيندو؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پطرس پٺ ورائي ڏٺو تہ اهو شاگرد جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، سو پٺيان پيو اچي. انهيءَ شاگرد رات جي ماني کائڻ مهل سندس سيني تي ٽيڪ ڏيئي پڇيو هئس تہ ” خداوند! اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي پڪڙائيندو؟“