John 21:23 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن تي اُها ڳالهہ ڀائرن ۾ هُلي ويئي، تہ اُهو شاگرد مرندو ئي ڪين: جيتوڻيڪ يسوع ڪو هن کي ائين ڪين چيو تہ تون مرندين ئي ڪين، پر هيئن چيائين، تہ جيڪڏهن منهنجي مرضي هجي تہ جيستائين آئون اچان تيستائين هو رهي، تہ انهيءَ ۾ تنهنجو ڇا؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ان کان پوءِ سڀني ايمان وارن ۾ اھا ڳالھہ مشھور ٿي ويئي تہ اھو شاگرد ڪڏھن بہ نہ مرندو. جيتوڻيڪ عيسيٰ انھيءَ شاگرد کي ائين ڪونہ چيو ھو تہ ”تون مرندين ئي ڪونہ.“ پر ھيئن چيو ھئائين تہ ”جيڪڏھن آءٌ چاھيان تہ ھي ايستائين جيئرو رھي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان تہ تنھن ۾ تنھنجو ڪھڙو واسطو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ان کان پوءِ سڀني وشواسين ۾ اها ڳالهہ مشهور ٿي ويئي تہ اهو چيلو ڪڏهن بہ نہ مرندو، جيتوڻيڪ يسوع انهيءَ چيلي بابت ائين ڪونہ چيو هو تہ ”هو مرندو ئي ڪونہ.“ پر هن هيئن چيو هو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيوت رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ان کان پوءِ سڀني ايمان وارن ۾ اها ڳالهہ مشهور ٿي ويئي تہ اهو شاگرد ڪڏهن بہ نہ مرندو، جيتوڻيڪ عيسيٰ انهيءَ شاگرد بابت ائين ڪونہ چيو هو تہ ”هو مرندو ئي ڪونہ.“ پر هن هيئن چيو هو تہ ”جيڪڏهن آءٌ چاهيان تہ هي ايستائين جيئرو رهي جيستائين آءٌ موٽي نہ اچان تہ ان ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو.“