John 21:3 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
شمعون پطرس هنن کي چيو تہ آئون وڃان ٿو مڇي مارڻ. انهن چيس تہ اسين بہ توسان ٿا هلون. پوءِ اُهي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا؛ ۽ اُنهيءَ رات ڪي بہ ڪين ملين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تڏھن شمعون پطرس ٻين کي چيو تہ ”آءٌ مڇي مارڻ وڃان ٿو.“ تنھن تي ٻين شاگردن چيس تہ ”اسين بہ تو سان گڏجي ٿا ھلون.“ پوءِ اھي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا، پر انھيءَ رات ڪابہ مڇي ھٿ نہ لڳن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن شمعون پطرس ٻين کي چيو تہ ”آءٌ مڇي مارڻ وڃان ٿو.“ تنهن تي ٻين چيلن چيس تہ ”اسين بہ تو سان گڏجي ٿا هلون.“ پوءِ اهي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، پر انهيءَ رات ڪابہ مڇي هٿ نہ لڳن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن شمعون پطرس ٻين کي چيو تہ ”آءٌ مڇي مارڻ وڃان ٿو.“ تنهن تي ٻين شاگردن چيس تہ ”اسين بہ تو سان گڏجي ٿا هلون.“ پوءِ اهي وڃي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، پر انهيءَ رات ڪابہ مڇي هٿ نہ لڳن.