John 21:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ اُهو شاگرد، جنهن تي يسوع جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو، تہ خداوند اٿيئي. جڏهن شمعون پطرس ٻُڌو تہ خداوند آهي، تڏهن ڪپڙو چيلهہ سان ٻَڌائين (ڇالاءِ تہ اُگهاڙو هو،) ۽ پوءِ سمنڊ ۾ ٽپي پيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ انھيءَ شاگرد جنھن سان عيسيٰ جو پيار ھو، تنھن پطرس کي چيو تہ ”اڙي، خداوند اٿيئي.“ جڏھن شمعون پطرس ٻڌو تہ ”اھو خداوند آھي.“ تڏھن جيئن تہ ھو پٺيءَ اگھاڙو ھو، سو قميص چيلھہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ ھڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ انهيءَ چيلي جنهن سان يسوع جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو تہ ”ڏسو! هي تہ پرڀو آهي!“ جڏهن شمعون پطرس ٻڌو تہ اهو پرڀو آهي، تڏهن جيئن تہ هو پٺيءَ اگھاڙو هو، سو قميص چيلهہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ هڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ انهيءَ شاگرد جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو، تنهن پطرس کي چيو تہ ”ڏسو! هي تہ خداوند آهي!“ جڏهن شمعون پطرس ٻڌو تہ اهو خداوند آهي، تڏهن جيئن تہ هو پٺيءَ اگھاڙو هو، سو قميص چيلهہ سان ٻڌندو مسيح سان ملڻ لاءِ هڪدم پاڻيءَ ۾ ٽپي پيو.