John 3:18 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪو مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن جي عدالت نٿي ٿئي: پر جيڪو ايمان نٿو آڻي، تنهن جي عدالت تہ اڳيئي ٿي چڪي آهي، هن ڪري جو هن خدا جي هڪڙي ئي فرزند جي نالي تي ايمان نہ آندو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنھن کي سزا نہ ٿي ملي، پر جيڪو ايمان نہ ٿو آڻي تنھن کي تہ سزا اڳي ئي ملي چڪي آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن خدا جي اڪيلي فرزند تي ايمان نہ آندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪو بہ مٿس وشواس آڻي ٿو تنهن کي پاپي قرار نہ ڏنو ويندو، پر جيڪو وشواس نہ ٿو آڻي تنهن لاءِ پاپي هئڻ جو فيصلو اڳي ئي جاري ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ هن ايشور جي اڪيلي پٽ تي وشواس نہ آندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنهن کي گنهگار قرار نہ ڏنو ويندو، پر جيڪو ايمان نہ ٿو آڻي تنهن لاءِ گنهگار هئڻ جي فتويٰ اڳي ئي جاري ڪئي ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن خدا جي اڪيلي فرزند تي ايمان نہ آندو.