John 3:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
سو رات جو وٽس آيو ۽ چيائينس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون خدا جي طرفان اُستاد ٿي آيو آهين: ڇالاءِ تہ جيڪي معجزا تون ڏيکارين ٿو، سي جيڪر ڪوبہ ڏيکاري نہ سگهي، جيڪڏهن خدا ساڻس نہ هجي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھڪ رات ھو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسان کي خبر آھي تہ اوھين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪي معجزا اوھين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ ھجي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هڪ رات هو يسوع وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سوامي! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوهين ايشور جي طرفان گرو ٿي آيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي چمتڪار اوهين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين ايشور ساڻس نہ هجي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هڪ رات هو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”سائين! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوهين خدا جي طرفان استاد ٿي آيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهين ڪريو ٿا سي جيڪر ڪوبہ نہ ڪري سگھي، جيستائين خدا ساڻس نہ هجي.“