John 3:26 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اُنهن يوحنا وٽ اچي کيس چيو تہ اي اُستاد، اُهو جو يردن جي هن ڀر تو ساڻ هو، جنهن بابت تو شاهدي ڀري آهي، ڏس اُهو بپتسما پيو ڏئي، ۽ سڀيئي ماڻهو هن وٽ پيا وڃن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھي يحيٰ وٽ ويا ۽ کيس چيائون تہ ”استاد! اوھان کي اھو ماڻھو ياد آھي جيڪو اردن درياءَ جي ھُن ڀر اوھان سان گڏ ھو ۽ جنھن بابت اوھان شاھدي ڏني ھئي؟ اھو ھاڻي ماڻھن کي بپتسما ڏيئي رھيو آھي ۽ ھر ڪو انھيءَ ڏانھن وڃي رھيو آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو اهي يوحنا وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي گرو! جيڪو ماڻهو اردن درياءَ جي هُن ڀر اوهان سان گڏ هو ۽ جنهن بابت اوهان شاهدي ڏني هئي، سو هاڻي ماڻهن کي بپتسما ڏيئي رهيو آهي ۽ هر ڪو انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو اهي يحيٰ وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي استاد! جيڪو ماڻهو اردن درياءَ جي هُن ڀر اوهان سان گڏ هو ۽ جنهن بابت اوهان شاهدي ڏني هئي، سو هاڻي ماڻهن کي بپتسما ڏيئي رهيو آهي ۽ هر ڪو انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهي.“