John 3:31 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪو مٿان ٿو اچي، سو سڀني کان مٿي آهي: جيڪو زمين جو آهي، سو زمين جو ئي آهي ۽ زمين جون ئي ڳالهيون ٿو ڪري: جو آسمان کان ٿو اچي، سو سڀني کان مٿي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪو مٿان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاھون آھي. جيڪو دنيا جو آھي سو دنيا سان واسطو رکي ٿو ۽ ائين ڳالھائي ٿو جيئن ڪو دنيا وارو ڳالھائي. جيڪو آسمان کان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاھون آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪو مٿان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي. جيڪو سنسار سان واسطو رکي ٿو سو سنسار جو آهي ۽ سنسار جون ئي ڳالهيون ڪري ٿو. بيشڪ جيڪو ايشور وٽان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪو مٿان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي. جيڪو دنيا سان واسطو رکي ٿو سو دنيا جو آهي ۽ دنيا جون ئي ڳالهيون ڪري ٿو. بيشڪ جيڪو عرش عظيم کان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي.