John 3:5 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
يسوع جواب ڏنس تہ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو پاڻيءَ ۽ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تہ خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿي ڪين سگهندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيستائين ڪو ماڻھو پاڻيءَ ۽ پاڪ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اھو خدا جي بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو پاڻيءَ ۽ پوِتر آتما مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اهو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو ماڻهو پاڻيءَ ۽ پاڪ روح مان پيدا نہ ٿيندو، تيستائين اهو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.